ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان دير جو شڪار ٿيندڙ پنهنجي فلم ”راڌي“ جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.بالي ووڊ سلطان انسٽاگرام تي ٻڌايو ته منهنجي فلم ”راڌي“ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي پئي وڃي، اها 13 مئي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.واضح رهي ته فلم ”راڌي“ ۾ ديشا پٽاني ۽ رنديپ هودا به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندا.