ڪراچي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي نئين ايندڙ فلم “ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان” جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي. فلم ۾ سلمان خان ايڪشن ڪندي نظر اچي رهيو آهي. گهڻي انتظار کانپوءِ سلمان خان جي فلم “ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان” جو ٽيزر رليز ڪيو ويو آهي. فلم ۾ سلمان خان سان گڏ پوجا هيگڙي رومانس ڪندي نظر اچي رهي آهي. فلم جي ٽيزر جي شروعات ٿيندي آهي جبلن جي وچ مان هڪ روڊ تان وڏن وارن سان سلمان خان موٽرسائيڪل تي گذرندو آهي. پوءِ هڪ ريل جو منظر آهي جنهن ۾ سلمان خان فائٽنگ ڪندو آهي. فلم جي ٽيزر ۾ سلمان خان پوجا هيگڙي سان رومانس ڪندي به نظر اچي رهيو آهي. گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ سلمان خان “ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان” ۾ پنهنجي لُڪ جي حوالي سان هڪ تصوير رليز ڪئي هئي. فلم هن عيد جي موقعي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. هن سال سلمان خان جي فلم ٽائيگر 3 به رليز ڪئي ويندي جنهن ۾ سلمان خان سان گڏ ڪترينا ڪيف ايڪشن ۾ نظر ايندي.