سلمان خان بگ باس لاءِ 10 ارب کان وڌيڪ معاوضو وٺندو

0
140
سلمان خان بگ باس لاءِ 10

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي 16 هين سيزن هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن جو مداحن کي بي صبري سان انتظار آهي

بگ باس ۾ هر سال سيٽ جي ڊيزائن کان وٺي شريڪ ٿيندڙن تائين سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويندو آهي پر ميزبان بالي ووڊ دبنگ سلمان خان ئي رهندو آهي

سلمان خان جيڪو 13 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بي بي ڪي سان لاڳاپيل آهي شو جي 16 هين سيزن ۾ به ميزباني ڪندو، پر هن ڀيرو اهو شو هوسٽ ڪرڻ لاءِ 1050 ڪروڙ رپيا (10 ارب) کان وڌيڪ رقم جو مطالبو ڪيو آهي