مريدشاخ (رپورٽ: علي گل شيخ) ڏوهن جي دنيا کي الوداع ڪندڙ ڌاڙيل سلطو عرف سلطان شر پوليس هٿان کنڀيل پنهنجي ماءُ سميت 5 گهرڀاتين کي پنجاب پوليس کان آزاد ڪرائي ورتو. بعد ۾ ڏوهارين اغوا ڪيل 6 ڳوٺاڻن کي پڻ ڊيل تحت ڇڏي ڏنو. ان کان اڳ مريد شاخ ويجهو پنجاب جي نواز آباد ۽ ماھي چوڪ وارن علائقن مان اغوا ڪيل ڇهن ڄڻن جي بازيابي لاءِ وارثن پاڪ ڪتاب کڻي مريدشاخ مين چوڪ تي پرامن ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي پنجاب پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مغوين جي وارثن سنڌ کان پنجاب ويندڙ پنجاب پوليس جي گاڏي جو پڻ گهيرو ڪري ورتو، مغوي غلام مصطفي ميراڻي، بخت علي ميراڻي، علي نواز ملڪ ۽ ميگهواڙ برادري جي ڪوڙو، پهلوان، بشير مارواڙي جي بازيابيءَ لاءِ مين چوڪ تي هنيل ڌرڻي ۾ پنجاب ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الله ملڪ خاطري ڪرائي ته اڄ رات ڇهن مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو. ان دوران کنڀڙا ڌرڻو هڻندڙ مغوي جي وارثن مٿان ڏنڊن سان ڪڙڪي پئي، ڌرڻو هڻندڙ ماڻهن کي پوليس ڊوڙائي ڊوڙائي ڪٽڪو ڏيندي رهي. هوڏانهن ڌاڙيلن مغوي ميگهواڙ برادري جي ماڻهن جي هڪ ٻِي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڌاڙيل مغويءَ کي وڻ ۾ اُبتو ٽنگي مٿس تشدد ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي دير سان مليل اطلاعن موجب ڌاڙيل سلطو شر پنجاب پوليس کي نيٺ گوڏا کوڙائي ڇڏيا. 12 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جي ٻن عورتن سميت 5 وارثن کي پنجاپ پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، جن کي ڊيل تحت آزاد ڪيو ويو آهي. بدلي ۾ مريد شاخ جي راھوسي 6 مغوين کي به ڌاڙيلن ڇڏي ڏنو آهي.