سلطو شر جو مارجڻ پوليس جي ڪاميابي آهي: ڊي آءِ جي سکر

0
457

ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي  چيو آهي ته سلطو شر جو مارجڻ پوليس جي ڪاميابي آهي، ڪامياب ڪارروائي تي عوام خوش آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي جاويد جسڪاڻي چيو ته اڄ پوليس لاءِ وڏو ڏينهن آهي، سلطو شر سميت 2 ڌاڙيل مارجي ويا، سلطو شر تي 200 ڪيس هئا، هن ماڻهو ماريا ۽ اغوا ڪرايا

هن ٻڌايو ته سلطو شر مغوين جون نازيبا وڊيو ٺاهي وائرل ڪندو هو، سلطو شر عورتاڻي آواز تي هرکائي ماڻهو اغوا ڪرڻ کي هٿي ڏني

ڊي آءِ جي موجب سموري ڪارروائي پوليس جي 10 رڪني اسپيشل ٽيم ڪئي، سلطو شر جو مارجڻ پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي

ھي به پڙھندا

بدنام ڌاڙيل سلطو شر ۽ عيسو شر مارجي ويا