سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم خان گوپانگ ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي  دوران مسمات( ش)، وجيھ الدين، شيراز،نظام الدين ۽ نديم گوپانگ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ڪينٽ ٿاڻي جي وڏي منشي غلام قادر بلو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان ٿيو آھي، زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آھي،  وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.