سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان خاصو اسٽاپ تان درزي حاجي جوڻيجو جي دڪان کي چور کاٽ هڻي 50 کان وڌيڪ عيد جا سبيل جوڙا ٻهاري ويا، مزاحمت تي چوڪيدار کي ڪٽڪو ڏئي فرار ٿي ويا.پيرا ڳوٺ ڊرٻ ۾ هڪ اوطاق ۾ لڳا، ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ جهڙپون ٿيون، پوليس 2 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو .ڳوٺاڻن عبدالرحيم عرف مٺو انڍڙ، عبدالسميع انڍڙ احتجاج ڪندي چيو ته سلطانپور ڪينٽ پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جا ٻه نوجوان کڻي وئي آهي ۽ چوپايو مال به ڪاهي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪينٽ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ خاصو مان حاجي جوڻيجو جي درزڪي دڪان کي کاٽ لڳو هو،ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کان چوري بابت جاچ جاري آهي.