سلطانپور(ن پ ا) سلطانپور ويجهو ٻن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، چار نامعلوم جوابدار گهر ۾ گهڙي نوجوان سراج انڍڙ کي ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا،  مقتول عبدالجبار انڍڙ جي پٽ عبدالغفار انڍڙ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدار ذبيع الله ۽ والد عبدالجبار انڍڙ جي قتل ڪيس تان  هٿ کڻائڻ لاءِ گھر ۾ گهڙي نوجوان سراج احمد کي ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن جيڪي ڪجهه مھينن کان ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي زخمي نوجوان کي ڪينٽ ٿاڻي تي آندو ويو جتان ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد کيس تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.