اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي سلامتي ڪاميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي 21 جون يا ڪنهن ٻئي ڏينهن تي پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪاميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي آهي، پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 21 جون يا ڪنهن ٻئي مناسب ڏينهن تي پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو وڃي، مرتضيٰ جاويد عباسي چيو آهي ته قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس جو ڏينهن ۽ وقت جلد طئه ٿي ويندو، ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ٻيا بريفنگ ڏيندا. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندو، اڃا اجلاس جي تاريخ مقرر ناهي ڪئي وئي. ذريعن موجب پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٻن کان ٽن ڏينهن جي اندر ٿيندو، اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سلامتي صورتحال، فاٽا جي مامرن، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي حوالي سان بريفنگ جو امڪان آهي.