اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس، سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو ويو ته پاڪستان کي للڪاريندڙن کي پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، ملڪي مفادن کي لهس اچڻ به نه ڏينداسين. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن سوڌو هٿياربند فوج ۽ انٽيلجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڏا فيصلا ڪيا ويا، دهشتگرديءَ جي هاڻوڪي لهر ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪندي مغفرت جي دعا به گهري وئي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ چيلنجز کان آگاهه ڪيو، معاشي حڪمت عملي ۽ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، انٽيليجنس ادارن ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ دهشتگردي جي تازي لهر بابت قدمن کان آگاهه ڪيو، پڌرائي موجب مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، پاڪستان جي افغانستان جي عبوري حڪومت سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو، ذريعن موجب  قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن بهتر بڻائڻ لاءِ نيڪٽا جي ڪردار تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي حملن بابت به بريفنگ ڏني وئي،  ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگرديءَ جي نئين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو ويو ته وڏي قربانين ذريعي حاصل ڪيل امن ڪنهن کي به خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو، پڌرائي موجب پڌرائي موجب اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پوري قوم دهشتگردي ۽ دهشتگردن خلاف هڪ بيانيي تي متحد آهي، پاڪستان کي للڪاريندڙن کي پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي قومي مفادن کي لهس اچڻ به نه ڏينداسين، ڪنهن کي به قومي سلامتي جي بنيادي تصور کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ذريعن موجب وزيراعظم اجلاس دوران چيو ته دهشتگرديءَ خلاف فولادي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌڻو پوندو، ملڪي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس 2 جنوري سومر ڏينهن به جاري رهندو جنهن ۾ سامهون ايندڙ تجويزن جي روشني ۾ فيصلا ڪيا ويندا.  اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل ساحر شمشاد،  پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجا آصف، راڻا ثناءُ الله ۽ اسحاق ڊار ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.