اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي تي افغان ناظم الامور کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پرڏيهي ترجمان موجب افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو، حملي تي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، پرڏيهي ترجمان موجب حملي ۾ سپاهي اسرار زخمي ٿيو، حملو انتهائي سنگين سيڪيورٽي ڪوتاهي آهي، افغان ناظم الامور کان مطالبو ڪيو ويو ته ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، واقعي جي جاچ ڪئي وڃي، سفارتي عملي جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.