سعيد غني ۽ شهلا رضا وزارت ۽ ڪابينا مان مستعفي

0
282
سعيد غني صوبائي

سنڌ جي ٻن صوبائي وزيرن سعيد غني ۽ شهلا رضا وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي، سندن موقف  آهي ته هو اليڪشن مهم ۾ حصو وٺندا

سعيد غني ٽوئٽر ذريعي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي لکيو ته پ پ ڪراچي جي صدر جي حيثيت سان منهنجي خواهش آهي ته مان اليڪشن مهم ۾ حصو وٺان

سعيد غني چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن استعيفيٰ موڪلي آهي پر اڃا تائين مراد علي شاهه استعيفيٰ منظور ناهي ڪئي، استعيفيٰ منظور ڪرڻ يا رد ڪرڻ پارٽي قيادت جو فيصلو آهي

ٻئي پاسي صوبائي وزير شهلا رضا به وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن استعيفيٰ اماڻي ڇڏي آهي، سندس موقف آهي ته هوءَ اليڪشن مهم ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿي، پارٽي قيادت جي فيصلي جو احترام آهي

ھي به پڙھندا

جميل احمد گورنر اسٽيٽ بينڪ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري