سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايرون فنچ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپين بالر کي پنهنجي ڪرڪيٽ جو مشڪل ترين بالر قرار ڏئي ڇڏيو. ايرون فنچ کان انسٽاگرام تي سوال جوابن دوران مداحن سوال ڪيو ته سندس ڪيريئر ۾ مشڪل ترين بالر ڪهڙو هو؟. مداح جي جواب ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽر سعيد اجمل جي تصوير شيئر ڪئي ۽ گڏ ئي اجمل به لکيو. ياد رهي ته سعيد اجمل 35 ٽيسٽ ميچز ۾ 178 وڪيٽون حاصل ڪيون.