رياض (م ڊ) القاعده جي اڳواڻ الظواهري  جي مبينا طور آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي ڊرون حملي ۾ مارجڻ تي سعودي عرب جو ردعمل سامهون آيو آهي. سعودي عرب ايمن الظواهري جي مارجڻ واري اعلان جي آجيان ڪئي آهي. سعودي جي پرڏيهي وزارت چيو ته ايمن الظواهري اهڙن دهشتگردن مان هو جيڪي آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ دهشتگرد حملن جي اڳواڻي ڪئي، ايمن الظواهري سعودي شهرين سميت هزارين بيگناهه ماڻهن کي ماريو.