رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاڪستانين لاءِ معلومات لاءِ فون ڪالز جي حوالي سان وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني کي خبردار ڪيو ويو آهي ته اهڙي قسم جي ڪالز تي ڌيان نه ڏيو جنهن ۾  ذاتي معلومات يا اڪائونٽ نمبر گهريو وڃي. سفارتخاني چيو آهي ته معلومات ڏيڻ واري شخص جو مالي نقصان به ٿي سگهي ٿو. پاڪستاني سفارتخاني موجب اهڙي قسم جون فون ڪالون منظم گروپن طرفان ڪيون پيون وڃن ۽ گهرو وزارت جو ان سان ڪو واسطو نه آهي.