اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن طرفان فنڊنگ کانپوءِ به پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ ڏکيائيون آهن، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب سعودي عرب 2 ارب ڊالرن جي فنڊنگ بابت زباني طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان کي 3 ارب ڊالر فنڊنگ جي ضرورت آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار 10 اپريل تي آمريڪا وڃڻ کان اڳ گڏيل عرب امارتن جي قيادت سان رابطو ڪندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي مختلف شعبن لاءِ سالياني 900 ارب رپيا سبسڊي تي اڃا تائين اعتراض آهي، آءِ ايم ايف وياج جي شرح ۾ مهانگائي جي حساب سان اڃا واڌ جي مطالبي تي قائم آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو مهانگائي جي شرح سان وياج جي شرح مقرر ڪئي وڃي، آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي ۽ ٽيڪسن جو شارٽ فال پورو ڪرڻ جو مطالبو به ڪري ڇڏيو آهي.