رياض(اسپورٽس نيوز) سعودي پرو ليگ ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جي گولز جو سلسلو جاري آهي، رونالڊو هڪ ڀيرو وري هيٽ ٽرڪ ڪئي آهي. پرنس سلطان بن عبدالعزيز اسٽيڊيم ۾ سعودي پروليگ ۾ النصر ۽ داماڪ وچ ۾ ميچ دوران ڪرسٽيانو رونالڊو ڇانيل رهيو. رونالڊو پهرين هاف ۾ ئي هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي، ارڙهين منٽ ۾ پنالٽي تي پهريون گول ڪيون، پنجن منٽن کانپوءِ ٻيو ڀيرو بال کي ڄار ۾ پهچايو ۽ پهرين هاف جي آخري لمحن ۾ ٽيون گول ڪري النصر طرفان ٻي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪري ورتو. ٻئي هاف ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي ۽ النصر 3-0 تان ڪاميابي ماڻي پوائنٽ ٽيبل تي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.