جده(م ڊ) سعودي عرب پاڪستان جي پراڻي حج ڪوٽا بحال ڪري ڇڏي ۽ 65 سال عمر جي حد به ختم ڪئي وئي آهي. مذهبي معاملن بابت وزير مفتي عبدالشڪور سعودي عرب جي دعوت تي 4 ڏينهن جي عالمي حج ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جده پهتو، جتي هن سعودي هم منصب ڊاڪٽر توفيق بن الربيعه سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ ادارن جو دورو به ڪيو. وزارت جو چوڻ آهي ته سعودي اختيارين طرفان مذهبي معاملن جي وزير کي سالياني حج معاهدي جو مسودو وصول ٿي ويو آهي، جنهن تحت پاڪستان جي هڪ لک 79 هزار 210 حاجين جي پراڻي ڪوٽا بحال ڪئي وئي آهي ۽ 65 سال عمر جي حد به ختم ڪئي وئي آهي. وزارت موجب هلندڙ سال حج درخواستون فيبروري جي آخر تائين طلب ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ حتمي حج پاليسي 2023 جو اعلان ڪيو ويندو.