رياض (م ڊ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان نئين قومي ايئر لائين ”رياض ايئر“ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سعودي ميڊيا موجب نئين ايئر لائين ”رياض ايئر“ مڪمل طور تي سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جي ملڪيت هوندي. نئين ايئر لائن سعودي تخت گاهه رياض کي دنيا لاءِ لنگهه ۽ عالمي واپار، سياحت ۽ ٽرانسپورٽيشن جي منزل بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي. پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايئر لائن جو چيئرمين پي آءِ ايف جو گورنر ياسر الرومايان هوندا، جڏهن ته ٽوني ڊوگلس کي ان جو سي اي او مقرر ڪيو ويو آهي. نئين ايئر لائن سعودي عرب جي تيل کانسواءِ مجموعي قومي پيداوار ۾ 20 ارب ڊالرن جي واڌ ڪندي ۽ 2 لک کان وڌيڪ بنا واسطي ۽ واسطي سان نوڪريون پيدا ڪندي.