دوحا(اسپورٽس نيوز) قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ سعودي عرب هٿان اپ سيٽ شڪست کانپوءِ ارجنٽينا جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي جو پهريون بيان سامهون آيو آهي. ارجنٽائن ڪپتان ليونل ميسي چيو ته اهو وڏو ڌچڪو هو ۽ سخت تڪليف پهتي پر اسان کي پاڻ تي اعتماد برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو اسان کي خبر هئي ته مخالف ٽيم ڪيئن آهي، جيڪڏهن اسان ان کي کيڏڻ ڏينداسين ته شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي، مون کي ايڏو وڏو ڌچڪو ڪڏهن ناهي لڳو. سندس چوڻ هو ته گروپ ۾ اڃا هڪ ميچ ٿي آهي، ميڪسيڪو ۽ پولينڊ خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.