اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير جي عهدي لاءِ نامزد ٿيل ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر نامزدگي بعد مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادري سان پهرين ملاقات ڪئي، مذهبي وزارت ۾ ٿيل ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ تعلقاتن، حج، عمري تي ويندڙ زائرين جي مامرن توڙي مڪي ۽ مديني شريف ۾ پاڪستان هائوس جي قيام ۽ ٻين مامرن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي بهتر سنڀال ڪرڻ ۽ باهمي تعلقات کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، مذهبي مامرن جي وزير نور الحق قادري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دوستي جي رشتي کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي.