رياض(م ڊ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ مسجد جي پيش امام کي غيرقانوني طريقي سان چندو گڏ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت جي سپروائزري ڪميٽي چيو آهي ته ڪجهه عرصي کان رياض جي هڪ مسجد جو پيش امام قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي مسجد جي سهولتن جو فائدو کڻي مسجد ٻاهران لوهه جي ٺهيل عارضي شيلٽر ۾ کاڌي پيتي جي شين سميت روڪ رقم جي صورت ۾ چندو گڏ ڪري رهيو هو. ڪميٽي الزام هنيو ته مسجد جي پيش امام کي روڪيو ويو پر هن چندو گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو. وزارت جي بيان موجب جوابدار جي گرفتاري کان اڳ سپروائزري ڪميٽي جي هڪ ٽيم معاملي جو ٻيهر جائزو ورتو ۽ ڄاڻايل پيش امام خلاف شاهديون گڏ ڪيون، جنهن کانپوءِ گڏ ٿيل شاهدين جي بنياد تي قانوني ڪارروائي لاءِ معاملو وزارت جي لاڳاپيل اختيارين کي موڪليو ويو. سعودي عرب جي اسلامي معاملن جي وزارت شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به مسجد جي عملي طرفان غير قانوني طريقي ڪار کي استعمال ڪندي چندو گڏ ڪرڻ جي صورت ۾ فوري طور تي اطلاع ڏنو وڃي.