سعودي عرب ۾ حاجي سڳورا وقوف عرفه ۽ مزدلفه تي رات گذارڻ بعد منيٰ پهچي ويا

0
306

رياض (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي عرب ۾ حاجي سڳورا وقوف عرفه ۽ مزدلفه تي رات گذارڻ بعد منيٰ پهچي ويا، عيد الاضحيٰ جي پهرئين ڏينهن حاجي سڳورا رَمِي ڪري رهيا آهن، اڄ رڳو وڏي شيطان کي پٿريون هنيون وينديون، رَمِي کانپوءِ حاجي سڳورا عبادت ۾ وقت گذاريندا، قرباني بعد حاجي سڳورا مٿو ڪوڙائي احرام جي حالت مان نڪري ايندا، سعودي عرب ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، مڪه مڪرمه ۽ مديني ۾ عيد نماز جا وڏا اجتماع، سعودي شاهي خاندان جي ڀاتين به عيد نماز ۾ شرڪت ڪئي.