سعودي عرب ۾ اهرام مصر کان به 25سئو سال قديم آثار مستطيل دريافت

0
459

پرٿ (دلچسپ نيوز) سعودي عرب ۾ اهرام مصر کان به 25سئو سال قديم آثار مستطيل دريافت ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يونيورسٽي آف ويسٽرن آسٽريليا جي ماهر هيوٿامس ۽ سندس ساٿين پهريون ڀيرو مستطيل تي تفصيلي تحقيق مڪمل ڪري ورتي آهي. مستطيل جي دريافت جو سلسلو 1970 کان شروع ٿيو هو پر ماهرن ان تي خاص ڌيان نه ڏنو، نئين تحقيق بعد اهم انڪشاف ٿيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماهرن اتر اولهه واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ 2 لک مربع ڪلوميٽرميٽرايراضي تي مشتمل انهن آثارن کي تحقيق ۾ شامل ڪيو،تحقيق دوران هڪ هزار کان وڌيڪ مستطيل هٿ آيا، سندن ڊيگهه 20 ميٽر کان 600 ميٽرن تائين رڪارڊ ڪئي وئي.مستطيل ۾ استعمال ڪيل وڏي ۾ وڏي پٿر جو وزن 500 ڪلوگرام، سندن ڀتين جي اوچائي 1.2 ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ڀتين ۾ پٿرن جي ترتيب ۽ ٿولهه ڏسي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته هر مستطيل جي هڪ ڪنڊ مٿو ۽ ٻئي پڇ جو درجو رکي ٿي، مستطيل جو مقصد ڇا هو؟ ان جو اندازو ڪجهه مستطيلن مان ملندڙ جانورن جي هڏين ۽ ٻئي باقيات مان لڳايو ويو آهي. ماهرن جو موقف آهي ته اهي آثار لڳ ڀڳ 7000 سال پراڻا آهن.