ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ايس ايف ڊي) پاڪستان لاءِ پنهنجي 3 ارب ڊالر ڊپازٽ جو مدو هڪ سال وڌائي ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب سعودي ڊپازٽس ملڪي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن جو حصو آهن ۽ ايس ايف ڊي جي 3 ارب ڊالر ڊپازٽس جو مدو 5 ڊسمبر 2022 تي پورو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ڊپازٽس جو مدو هڪ سال وڌائڻ پاڪ سعودي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي.