رياض(شوبز نيوز) سعودي عرب بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن کي “جواءِ ايوارڊ 2023ع” ۾ لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو آهي. ان کان اڳ سعودي سئنيما جو اهو ايوارڊ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان کي به ڏنو ويو آهي. جواءِ ايوارڊ جي رنگا رنگ تقريب رياض ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ دنيا جي فنڪارن شرڪت ڪئي. 80 سالن جي اميتاب بچن کي هن جي 60 سالن جي ڪامياب فلمي ڪيريئر ۽ بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي عالمي سفير هئڻ تي ايوارڊ ڏنو ويو آهي. ان موقعي تي تقرير ڪندي اميتاڀ بچن چيو ته سينما ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۽ انساني معاشري جي هم آهنگ جو ذريعو آهي. جواءِ ايوارڊ کي سعودي عرب جي جنرل انٽرٽينمينٽ اٿارٽي آرگنائز ڪندي آهي ۽ تازي ٿيل شو ۾ 20 فنڪارن کي ايوارڊن سان نوازيو ويو.