سعودي عرب جو ننڍي قد وارو سوشل ميڊيا اسٽار لاڏاڻو ڪري ويو

0
444

رياض (ويب نيوز) مشهور ننڍي قدر وارو سعودي عرب جو يوٽيوبر عزيز الاحمد 27 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب پيدائش کان جينياتي بيماري ۾ مبتلا سعودي عرب شهري عزيز الاحمد 19 جنوري تي اسپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو

عزيز الحمد 1995 ۾ رياض ۾ پيدا ٿيو هو ۽ معروف يوٽيوبر هو، هو عربي ۾ القضم يعني بونا جي عرفيت سان مشهور هو، ان جي موت تي مداحن ڏک جو اظهار ڪيو آهي

عزيز الاحمد کي پيدائشي طور تي جينياتي بيماري ۽ هارمونز جي خرابي جو مسئلو هو، جنهن جي ڪري ان جي نشونما متاثر ٿي هئي

گذريل ڏينهن ۾ اسپتال مان ان جي وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو بستري تي ليٽيل هو ۽ هڪ عورت ان کان پڌي رهي هئي ته اوهان پنهنجي فينز کي ڇا چوندا، عزيز جواب ڏنو ته مان انهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته مان انهن سان تمام گهڻي محبت ڪريان ٿو

عزیز یوٹیوب پر مزاحیہ ویڈیوز اپ لوڈ کرتے تھے اور ان کے فالوورز کی تعداد لاکھوں میں تھی،عزیز شادی شدہ تھے اور ان کا ایک بیٹا بھی ہے— فوٹو: سوشل میڈیا

عزيز کان جڏهن پڇيو ويو ته هاڻ اوهان ڪيئن محسوس ڪري رهيا  آهيو ته هن چيو ته مان بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان، جڏهن ته هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ لکين مداحن کي سوڳوار ڇڏي ويو آهي، عزيز شادي شده هو ۽ هن جو هڪ پٽ به آهي

هي به پڙهندا

لاس اينجلس ۾ فائرنگ، گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي