سعودي عرب(م ڊ) سعودي عرب جي باني شاهه عبدالعزيز جي ڌيءَ شهزادي الجواهره لاڏاڻو ڪري وئي. شهزادي الجواهره جي جنازي نماز رياض جي امام ترڪي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ سعودي ڪابينا جي ميمبرن سميت شاهي خاندان جي ماڻهن شرڪت ڪئي. سعودي عوام طرفان شهزادي الجواهرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.