جده(شوبز نيوز) سعودي عرب جي سريلي فنڪارا لنا اللبودي اولهه ۾ به ناماچاري حاصل ڪري ورتي آهي. سندس انگريزي ۾ ڳايل گاني کيس تمام گهڻي مشهوري ڏني آهي. سوشل ميڊيا تي کيس ڀرپور داد ملي رهيو آهي. هن انٽرويو ۾ هن چيو ته مارڪيٽنگ ۾ تعليم حاصل ڪئي اٿم پر گانا به ڳائيندي آهيان، ننڍپڻ کان ڳائڻ جو شوق هو پهريون ڀيرو 9 سالن جي ڄمار ۾ ڳايم. خاندان به حمايت ڪئي هاڻ ماڻهو به گانا پسند ڪندا آهن.