ڪراچي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف سست بيٽنگ ڪرڻ تي بابر ۽ رضوان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ان ڏس ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي گهٽ اسٽرائڪ ريٽ ۽ وڌيڪ بال کيڏڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، صارفين جو چوڻ آهي ته ڊاٽ بالن ٽيم تي دٻاءُ پيدا ڪيو جنهن سبب ٻين بيٽسمينن تيز کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڪيٽون وڃايون، ٽوئٽر تي ڪيترن ئي صارفين تنز طور لکيو “بابر اعظم تنهنجا ٿورا”.