ٺٽو/ ميرپورساڪرو  (رپورٽر ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ خاص ڪري ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي ايستائين جو ماڻهن کي پيئڻ لاءِ به پاڻي ميسر ناهي ۽ ماڻهو پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن هن ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي آبپاشي کاتي کي گھرجي ته فوري طور تي پاڻي جي کوٽ لاءِ قدم کڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سسٽم ۾ جيڪو به پاڻي آهي ان جي ورهاست انصاف سان ڪئي وڃي ته جيئن پاڻي جون گھرجون پوريون ٿي سگھن. هن چيو ته ٺٽي ضلعي کي ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي ڏيڻ سان گڏ ٺٽي جي سامونڊي پٽي واسين کي پيئڻ جي پاڻي جا جوڳاءَ اپاءَ وٺڻ گھرجن.