سسئي ٽول پلازا ۾ ڪرپشن؟ عمران عطا سومرو جا وارنٽ جاري

0
457

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ نيشنل هاءِ وي تي گهگهر ڦاٽڪ ويجهو سسئي ٽول پلازا جي ٺيڪي ۾ ڪرپشن ۽ وقت سر نيلامي نه ڪرڻ خلاف درخواست تي جواب داخل نه ڪرائڻ تان ورڪس کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ڪانٽيڪٽ پلس ڪمپني پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ورڪس کاتي پاران سسئي ٽول پلازا تان ٽول ٽئڪس غير قانوني طور اوڳاڙيو پيو وڃي، فيبروري ۾ ٺيڪي جو مدو پورو ٿيو، غير شفاف نموني ٺيڪي جي مدي ۾ 30 جون تائين واڌ ڪئي وئي، هاڻي 30 جون ۾ 5 ڏينهن رهجي وڃڻ باوجود نئون ٽيندر جاري نه ٿيو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ ٿيڻ گهرجي ها، درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته سسئي ٽول پلازا جو ٺيڪو شفاف نموني سان ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.