اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران چيو ويو آهي ته وڏو آئيني مسئلو پيدا ٿي ويو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي کي سرڪيولر سان ختم نه ٿو ڪري سگهجي، تفصيل موجب وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي کي سرڪلر سان ختم نه ٿو ڪري سگهجي، اڄ تائين اهو نه ٻڌو آهي ته عدالتي فيصلي کي رجسٽرار جي سرڪلر سان رد ڪيو وڃي، هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ پاڻمرادي نوٽيس بابت فيصلو ڏنو هو، رجسٽرار جي سپريم ڪورٽ جي بينچ آڏو ڪا حيثيت نه آهي، جيستائين قاضي فائز عيسيٰ جو فيصلو چئلينج نه ٿو ٿئي اهو سڀني تي لاڳو ٿيندو.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته عدالتي ڪارروائي سڀني جي سامهون آئي، اها 9 رڪني بينچ به 5 رڪني بينچ ۾ تبديل ٿي، پهريان وارو فيصلو 3/4 سان آيو ۽ ثابت ٿيو ته خارج ٿي چڪو آهي، هن چيو ته 183 ٿري جي اختيارن جي حوالي سان جيڪا صورتحال آهي سڀني جي سامهون آهي، صبح چار رڪني بينچ ويٺي ان ۾ به جسٽس مندوخيل معذرت ڪئي، اميد هئي ته چيف جسٽس گهر جي وڏي وارو ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ٽئي رڪني بنيچ جڏهن ٻڌڻي شروع ڪئي ته اهو نڪتو بار ڪائونسل جي عهديدارن رکيو، هڪ وڏو آئيني مسئلو پيدا ٿي ويو آهي. فل ڪورٽ سامهون معاملي جي پيشي چاهيون ٿا،