لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز اسسٽنٽ ڪمشنر سيالڪوٽ سان فردوس عاشق اعواڻ جي اڍنگي رويي جي مذمت ڪري ڇڏي، مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته سرڪاري آفيسر سليڪٽ ٿي نه ايندا آهن، ناڪامي ۽ بدترين ڪارڪردگي جي ڪاوڙ آفيسرن تي ڪڍڻ فرعونيت آهي، سيالڪوٽ جي رمضان بازار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سان بدسلوڪي مذمت جوڳو آهي، سرڪاري ملازم اوهان جا ذاتي ملازم ناهن.