سرڪاري جاين تان وڏيرن جا نالا هٽائڻ بابت عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

0
261

 

ڪراچي: سرڪاري جاين تان وڏيرن جا نالا هٽائڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جو فيصلو اسيمبلي جي اختيارن ۾ مداخلت قرار ڏنو ويو آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ قانونسازي ذريعي گمس جو نالو رکيو ويو هو

سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڻي عدالت حڪم ڏنو آهي ته گمس جو نالو تبديل ڪيو وڃي، عدالتي فيصلي کي نٿا مڃون

هن جو چوڻ هو ته اهو فيصلو ليجسليچر جي پاورز ۾ مداخلت برابر آهي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين

ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران پاليسي خلاف سردارن، خانن، سياستدانن ۽ وڏيرن جا سرڪاري ادارن ۽ جڳهن تي نالا رکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو هو، عدالت پاران مڪاني اداري جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن کي ڇنڊ پٽي وئي هئيايم پي ايز ۽ ايم اين ايز

ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيوهو ته سرڪاري ادارن تان خانن، نوابن ۽ سردارن جا نالا هٽائڻ جي حڪم تي عمل نه ٿيو ته واسطيدار عملدارن خلاف توهين عدالت واري ڪارروائي ٿيندي

گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جو نالو تبديل ڪري پير عبدالقادر شاهه جيلاني ۽ ٻين سرڪاري ادارن تي سياسي ماڻهن جا نالا رکڻ واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي دوران مڪاني ادارن جو اسپيشل سيڪريٽري، ريجنل ڊائريڪٽر انور علي رڪ ۽ ٻيا پيش ٿيا هئا

ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور گذريل ٻڌڻي تي سرڪاري ادارن تان سياسي ماڻهن جا نالا تبديل ڪرڻ متعلق ڏنل عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رماڪس ۾ چيو هو ته سنڌ کي سردارن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، پاليسي آهي ته ڦلاڻي صاحب جو نالو لکڻ جو ارادو آهي، ان بابت اخبار ۾ اشتهار ڏئي پبلڪ کان به رايو وٺڻو آهي، اوهان ٻڌايو ته ڪٿي وڃي برش کڻي ڪهڙي عمارت ۽ روڊ تان نالا ڊاٿا آهن، صرف ها يا نه ۾ ٻڌايو وڃي

هي به پڙهندا

شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار نه ٿيو، اوهان سنڌ کي سردارن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گمس نالو بحال