سکر: ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ سرڪاري اسڪول جي شاگردياڻي به پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 2 پوزيشون پرائيويٽ اسڪولن جي نالي، ڇوڪرن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگرد کان سواءِ باقي 2 پوزيشنون به پرائيويٽ اسڪولن جي شاگردن حاصل ڪري ورتيون. تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر  طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب مجموعي طور پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ پھرين پوزيشن گمبٽ ضلع خيرپور جي نجي اسڪول سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي آمنا ڦل، ٻئين پوزيشن گورنمينٽ نيشنل ماڊرن ھاءِ اسڪول سکر جي شاگردياڻي رمشا بتول ۽ ٽئين پوزيشن سکر جي نجي اسڪول جي شاگردياڻي ديا شڪتي حاصل ڪئي. اھڙي طرح ڇوڪرن ۾ سکر جي نجي اسڪول جي شاگرد حماد الله پٽ اشفاق حسين لاکو 1018 مارڪون کڻي پھرين پوزيشن، ڪيڊٽ ڪاليج گھوٽڪي جي شاگرد زين ثاقب ولد ثاقب آرائين 1017 مارڪون کڻي ٻئين پوزيشن ۽ سکر جي ئي نجي اسڪول جي شاگرد عبدالواسع پٽ عرفان علي سومرو 1016 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آھي.