ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جي فاتح سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جو وطن پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو جنهن جون تصويرون منظر عام تي آيون آهن. سريلنڪا ڪرڪيٽ پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي ٽيم جي شاندار استقبال جون تصويرون شيئر ڪيون. سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم ڪولمبو جي روڊن تي ٿيندڙ وڪٽري پريڊ ۾ حصو ورتو، فاتح ٽيم جي ڪپتان داسن شاناڪا رانديگرن سميت ٽرافي پڪڙي بس تي سوار هو. ڪرڪيٽ فينز ٽيم جي حق ۾ نعرا لڳايا ۽ تصويرون به ٺاهيون.