ڪولمبو (انٽرسٽنگ نيوز) سريلنڪا ۾بدترين معاشي بحران سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري فوج هارپي واري مهم ۾ حصو وٺي رهي آهي جنهن تحت 1500 ايڪڙ غيرآباد زمين کي خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پوکي جي قابل بڻايو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سريلنڪن فوج خميس ڏينهن گرين ايگريڪلچر اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي پروگرام تي عمل ڪندي. سريلنڪا ۾ جاري بدترين معاشي بحران سبب، خوراڪ، دوائن، گهريلو گئس، تيل سميت ڪيئي بنيادي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هارپي واري رٿا هنگامي بنيادن تي جولاءِ کان شروع ٿيندي. سريلنڪن فوج جي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل جگت منصوبي جي نگراني ڪندو، پهرين مرحلي ۾ سريلنڪن فوجي غيرآباد زمين جي صفائي ڪندا، پوءِ هر ڏيڻ بعد زرعي ماهرن جي تجويز ڪيل مختلف فصلن جا ٻج ڇٽيندا.