سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران سبب وزير اعظم مستعفي: ڇڪتاڻ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

0
318
سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران
سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران سبب وزير اعظم مستعفي: ڇڪتاڻ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران ۽ ايمرجنسي سبب وزير اعظم مهندا راجا پاڪسي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب سريلنڪن حڪومت جي اختيارين وزير اعظم طرفان استعيفيٰ پيش ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته وزير اعظم پنهنجي استعيفيٰ صدر ڏانهن اماڻي آهي

ٻئي پاسي سريلنڪن صدر گوٽابايا راجا جي حامين ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون، ڪولمبو ۾ ٿيل ڇڪتاڻ ۾ حڪمران جماعت جي هڪ پارليامينٽرين سميت 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 139 ٿي ويو آهي

ٻئي پاسي ڪولمبو ۾ چڪرين ۽ ڇڪتاڻ سبب اڻ اعلانيل مدي تائين ڪرفيو پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي