ڪابل(اسپورٽس نيوز) سري لنڪا جي دوري لاءِ افغانستان جي مضبوط ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي نوجوان فاسٽ بالر عبدالرحمان کي شامل ڪيو ويو آهي. حشمت الله شاهدي کي ڪپتان، رحمت شاهه کي نائب ڪپتان، رحمان الله گرباز وڪيٽ ڪيپر، فريد احمد ملڪ، نجيب الله زدران، محمد نبي، اڪرام علي خيل وڪيٽ ڪيپر، عظمت الله عمرزئي، فضل الحق فاروقي، ابراهيم زدران، نور احمد، عبدالرحمان، راشد خان ۽ رياض حسن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. شاهد الله ڪمال، يامين احمدزئي، ضياءُ الرحمان اڪبر ۽ گلبدين نائب کي رزرو رانديگرن ۾ شامل آهن. ون جي سيريز جون 3 ميچون همبنٽوٽا ۾ ٿينديون. پهرين 2 جون تي، ٻي 4 جون تي ۽ ٽين 7 جون تي ٿيندي.