سريلنڪا جو مستعفي وزير اعظم فوج هٿان گرفتار

0
197
مستعفي وزير اعظم فوج هٿان گرفتار
سريلنڪا جو مستعفي وزير اعظم فوج هٿان گرفتار

ڪولمبو: سريلنڪا ۾ رتوڇاڻ جي واقعن کانپوءِ فوج اڳوڻي وزيراعظم مهيندا راجا پاڪسَي کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، مڇريل مظاهرين گذريل رات اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس خاندان جي گهرن کي باهيون ڏنيون هيون

سريلنڪا جي وزير اعظم مهيندا راجا پاڪسَي پرتشدد مظاهرن کانپوءِ گذريل ڏينهن عهدي تان استعيفا ڏني هئي

 رتوڇاڻ جي واقعن ۾ هيل تائين حڪمران جماعت جي پارلياماني ميمبر سميت 5 ڄڻا مارجي چڪا آهن، 190 ڄڻا زخمي ٿيا آهن

صورتحال تي ضابطي لاءِ ملڪ ۾ لڳايل ڪرفيو ۾ سڀاڻي تائين واڌ ڪئي وئي آهي،  مظاهرين وزيراعظم جي ننڍي ڀاءُ ۽ صدر گوتابايا راجا پاڪسَي جي استعيفا جو به مطالبو ڪري ڇڏيو