ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا آسٽريليا کي چوٿين ون ڊي ۾ ننهن چوٽيءَ جي مقابلي کانپوءِ 4 رنز تان شڪست ڏئي ون ڊي سيريز ۾ 1-3 تان فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. ان سلسلي ۾  آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. سريلنڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 49 اوورن ۾ 258 رنز تي ڍير ٿي وئي. سريلنڪا طرفان چرٿ اسلانڪا 110 ۽ ڌننجايا ڊي سلوا 60 رنز ٺاهي نمايان رهيا. آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز ۽ مچل مارش 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. آسٽريلوي ٽيم هدف پٺيان مقرر 50 اوورن ۾ 254 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. سريلنڪا 5 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ 1-3 تان فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي.