سروسز اسپتال لاهور فواد چوڌري کي ذهني دٻاءُ جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو

0
194

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي گرفتاري عدالت ۾ پيش ڪيوو يو، عدالت ان جي طبي معائني جو حڪم ڏنو

لاهور جي سروسز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو طبي معائنو ڪيو

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري طبي طور تي نارمل آهي ۽ سفر ڪري سگهي ٿو

ميڊيڪل بورڊ جي ذريعن موجب فواد چوڌري جو بلڊ شوگر 183 آهي جيڪو معمول کان وڌيڪ آهي ۽ ان جو بلڊ پريشر 160 آهي، ان جي جسم تي تشدد جو ظاهري طور تي نشان ناهي

اسپتال جي ذريعن ٻڌايو ته سروسز اسپتال جي نفسياتي ماهر به فواد چوڌري جو چيڪ اپ ڪيو ۽ انڪشاف ٿيو آهي ته فواد چوڌري نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ذهني دٻاءُ جون دوائون استعمال ڪري رهيو آهي

هي به پڙهندا

فواد چوڌري جي گرفتاري: عمران خان جون پارٽي اڳواڻن کي هدايتون، اڄ پريس ڪانفرنس جو اعلان

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار، عدالت ۾ پيش، راهداري رمانڊ منظور