سرهاري (ن پ ا) سرهاري ٽائون ڪاميٽي پراپرٽي جي ٻن مهينن اندر ٻيو دفعو چوري، ان ڏس ۾ شھر جي ڊسپوزل جي ڪمري جا تالا ٽوڙي چور 2 پاڻي وارا موٽر ۽ هڪ ڊگڊگي مشين چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ ٽائون انتظاميا  چورن جا پيرا کنيا، پيرا گم ٿيڻ جي صورت ۾ 40 هزار رپيا فيس ڀري حيدرآباد مان کوجي ڪتا گهرايا ويا پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو، ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان  چورن پاران چار چار لک روپين جي ماليت جا 3 موٽر کڻي ويا هئا.