سرهاري (ن پ ا) سرهاري لڳ مگسي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب نوجوان پٽ قتل پيءُ زخمي. سرهاري ڀرسان ڳوٺ دائم خان مگسي ۾ مگسي برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب ڪهاڙيون لڳڻ سبب شھر کان ڳوٺ ويندڙ نوجوان 30 سالن جو سڪندر ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته سندس پيءُ 50 سالن جو ٻڍو مگسي سخت زخمي ٿي پيو، جتان فوتي جو لاش سرهاري اسپتال آندو ويو. جڏهن ته زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو ويو، اسپتال ۾ موجود مقتول جي چاچي ڇٽو مگسي ۽ ڀاءُ عبدالجبار مگسي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جو ڪافي عرصي کان برادري جي ماڻھن سان لوڙھي جي معامري تان تڪرار هلندڙ هو اڄ اسان جا همراهه پيءُ پٽ موٽر سائيڪل تي شھر کان واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته ڳوٺ ڀرسان چودڳي روڊ تي جمال شاهه وٽ بلاول، ظفر ۽ شريف وارن ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان سڪندر علي مگسي کي ٿڏي تي قتل جڏهن ته سندس پيءُ ٻڍو مگسي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. سرهاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري سرهاري پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شھدادپور اسپتال کڻائي وئي. پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او سرهاري ٻڌايو ته واقعو مگسي برادري ۾ هلندڙ دشمني تان ٿيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.