سرهاري (ن پ ا) سرهاري لڳ لنڊو شاخ کي 10 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جو تازو پوکائي ٿيل فصل ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻن استاد نوح، سليمان، محمد ايوب ۽ محمد رفيق چيو ته فجر مهل شاخ کي گهارو لڳو، جنهن سبب 30 ايڪڙن تي تازو پوکائي ٿيل ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڳوٺاڻن موجب وقت سر کاٽي نه ٿيڻ سبب شاخ جا ڪپر ڪمزو هجڻ ڪري گهارو پيو، 4 ڪلاڪن بعد آبپاشي عملي مشينري گهرائي ڳوٺاڻن جي مدد سان گهارو ٻڌي ورتو.