سرفراز سوڌو 25 ماڻھن کي ابو ظھبي جي لاءِ ويزا نھ مليو

0
367

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي لاءِ 25 ماڻھن کي اڃان تائين ويزا نھ ملڻ جي تصديق ڪئي آھي، پي سي بي جو چوڻ آھي تھ ڪوئيٽا گليڊ ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد سوڌو 25 ماڻھن کي ويزا ناھي ملي سگھيو، فاسٽ بالر محمد حسنين ۽ عمران خان کي بھ ويزا ناھي ملي سگھيو، پي سي بي ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي آفيسر عماد حميد بھ ويزا جو منتظر آھي. پي سي بي موجب جن ماڻھن کي ويزا ناھي ملي انھن جو معاملو حل ڪيو پيو وڃي.