سرفراز احمد ڏاهاڻي کي ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪيپ ڏيندي ڇا چيو؟

0
802
سرفراز احمد ڏاهاڻي کي ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪيپ ڏيندي ڇا چيو؟
سرفراز احمد ڏاهاڻي کي ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪيپ ڏيندي ڇا چيو؟

ڪراچي(م ڊ) قومي ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي اڄ بنگلاديش خلاف ٽئين ميچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪري رهيو آهي

شاهنواز ڏاهاڻي پاڪستان لاءِ ٽي 20 کيڏندڙ 95 ھون رانديگر بڻجي ويو ۽ ڏاهاڻي کي ڊيبيو ڪيپ قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد پيش ڪئي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان شاهنواز ڏاهاڻي جي ڊيبيو ڪيپ ملڻ جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڏاهاڻي انٽرنيشنل ڪيپ حاصل ڪرڻ کان اڳ سمورن رانديگرن تاڙيون وڄائي کيس مبارڪون ڏنيون

قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽي 20 ڪيپ پيش ڪندي چيو ته مبارڪون هجن، توهان اڄ پاڪستان لاءِ کيڏي رهيا آهيو، مون توهان کي پهريون ڀيرو 2019 ۾ ڏٺو ۽ اڄ 2021 آهي، گذريل ٻن سالن ۾ اوهان جيڪا محنت ڪئي آهي اها سڀني جي سامهون آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته اوهان پاڪستان لاءِ گهڻي وقت تائين سٺي راند کيڏندا رهو ۽ اڄوڪي ڏينهن مان مزو وٺو

شاهنواز ڏاھاڻي جي ٽي 20 انٽرنيشنل ڪيپ پائڻ کانپوءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن به فاسٽ بالر کي ڀاڪر پائي کيس مبارڪون ڏنيون