دادو ( رپورٽر ) ام رباب چانڊيو، وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پهچي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ڏنل فيصلي جي آڊر ڪاپي سان گڏ درخواست ڏني آهي ته 29 آڪٽوبر تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندس پيءُ مختيار احمد ، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد پي پي ايم پي اي سردار احمد ۽ برهان خان چانڊيو سميت ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي، ام رباب چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تحت جوابدارن خلاف فردجرم لاڳو ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اميد آهي ته 29 آڪٽوبر تي جوابدارن تي ڪيس جي چارج شيٽ لاڳو ڪيو ويندو ۽ 3 مهينن ڪيس هلائي فيصلو ڏنو ويندو، سردار چانڊيو وارن ڪيس کي اينگهائڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان کين ڀڄڻ نه ڏينداسين ، چاهيون ٿا ته اسان جي حياتي ۾ ڪيس جو فيصلو ڏنو وڃي ڇو ته مون ۽ منهنجي فيملي کي جوابدار  سردارن کان ٿريٽ آهن، اڳ به اسان جي گاڏي سان حادثو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جي خاندان سان ڪو ٻيو واقعو پيش اچي، ان کان اڳ منهنجي پيء سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل جو فيصلو ڏنو وڃي.