لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي بابت ڪيس ۾ نامزد پيپلز  پارٽي ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ علي گوهر چانڊيو جي ضمانت لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس محمد سليم جيسر جي عدالت ۾ ٿي، جتي برهان خان چانڊيو ۽ ٻين جا وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جنهن ڪري عدالت درخواستن تي ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته برهان چانڊيو وارن جا وڪيل پيش نه ٿيا جنهن ڪري عدالت ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته آءُ پنج سال کان پنهنجي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته آءُ عدليه تي يقين رکان ٿي، سردار چانڊيو ۽ برهان  چانڊيو جو ڀڄڻ ٻڌائي رهيو آهي ته انهن جي نيت ڇا آهي جيڪي چون پيا ته اسين معصوم آهيون ۽ انهن ڏوهه ناهي ڪيو ته پوءِ اهي ثابت ڪن ۽ سڀني کي خبر آهي ته آءُ حق ۽ سچ جي جنگ وڙهي رهي آهيان ۽ بيگناهه ڪنهن جو به خون رائيگان ناهي ويندو ۽ منهنجي وڏن جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو ڇاڪاڻ ته اسان کي عدالتن مان پراميد آهيون ۽ پوري سنڌ سميت پاڪستان جي عوام کي اپيل ٿي ڪريان ته هو دعا ڪن جيئن مون کي جلد کان جلد انصاف ملي.